سنگدل شهزادي

سنگدل شهزادي (ڪتاب): محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو سرجيل 1938ع ۾ ڇپيل هي پهريون ناول 23 هه ۾ مسلمانن جي آرمينيا کي فتح ڪرڻ جي واقعن تي مشتمل آهي. هن ڪرائون سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل ۽ 0-0-1 قيمت واري ڪتاب جو پهريون ايڊيشن ڊسمبر 1938ع ڌاري هاشمي پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو ۽ اسلاميه دارالاشاعت ميرپور خاص شايع ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1940ع ۽ ٽيون ايڊيشن مئي 1946ع ۾ آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو